پاناماليڪس معاملي تي سپريم ڪورٽ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي: اياز صادق

لاهور (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته حڪومت ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي تعمير هيٺ منصوبن سان ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ لاٰءِ قدم کنيا آهن جڏهن ته وڌيڪ پلانٽس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عوام عمران خان جا ارادا ڄاڻي چڪو آهي، پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته ڪنهن جو اينجنڊا کڻي هلي رهيا آهن، بلاول ، عمر خان کان عمر ۾ ننڍو آهي هو ان کي چاچو نه چوي پيو ڇا چوي، هڪ طرف پاڪستان ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي ٻئي طرف جيڪو ڀارت ڪري رهيو آهي اها به دهشتگردي آهي، پاڪستان لاءِ دهشتگردي اهم مسئلو آهي، پنهنجي چونڊ تڪ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته امن امان حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، قلم 144 جي خلاف ورزي تي گرفتاريون ٿيون آهن، پي ٽي آءِ جا سمورا حراست هيٺ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان اپوزيشن ۾ رهندي اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪندا هئاسين پر اهو سافٽ ٽارگيٽ هوندو هو ۽ اڄ تحريڪ انصاف جو رويو سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته هاڻ اسان جو عمر چاچي ۽ مامي واريون آهن، تهذيب جي دائري ۾ جيڪي ڳالهه ٿئي اها خوبصورت هوندي آهي، اقتصادي راهداري کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ هاڻ اقتصادي راهداري خلاف عدالت ۾ وڃي رهي آهي، اهو حڪومت جو نه پر ملڪ جو منصوبو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، اقتصادي راهداري کي ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون ڪندڙن کي قوم معاف نه ڪندي، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي جارحيت ڪرڻ سان گڏ والاريل ڪشمير ۾ به دهشتگردي ڪري رهيو آهي، پاڪستان مسئلي کي سڄي دنيا ۾ ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي، هن ماحولياتي آلودگي ۽ دونهي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ دنيا جي واحد پارليامينٽ آهي جيڪا ماحول دوست آهي ۽ ان کي سولر پينل تي منتقل ڪيو ويو آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *