پاناماليڪس جو ٻيو ڌماڪو: عليم خان سوڌو وڌيڪ 400 پاڪستانين جا هٿ ڪارا نڪتا

اسلام آباد (بيورو) سڄي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جي ڳجهن اڪائونٽن ۽ ڪمپنين بابت دستاويز ڇاپي ٿرٿلو مچائيندڙ پاناماليڪس جو ٻيو ايڊيشن به منظر عام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فنانسر ۽ عليم خان سوڌو 400 پاڪستانين جا نالا شامل آهن،پاناماليڪس طرفان جيڪي نوان دستاويز ڇاپيا ويا اهن، انهن ۾ 400 پاڪستانين جا هٿ ڪارا نڪتا آهن، آئي سي آئي جي جي جاچ رپورٽ مطابق آف شور ڪمپنين ذريعي 12 کرب ڊالر کان وڌيڪ رقم پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقل ڪئي وئي،جنهن ۾ گهڻي رقم اڀرندڙ معيشت وارن ملڪن ڏانهن اماڻي وئي، پرڏيهه رقم اماڻيندڙ ملڪن ۾ چين، روس، ملائيشيا، ٿائلينڊ، انگولا ۽ نائجيريا به شامل آهن، رپورٽ مطابق عمران خان جو فنانسر ۽ ويجهو دوست ذوالفقار عباس بخاري عرف زلفي 6 آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي،جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان جو نالو به آف شور ڪمپنيون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي دور ۾ صحت جو وزير رهندڙ نصير خان جي ڀاءُ ظفر الله خان ۽ پٽ محمد جبران جي به آف شور ڪمپني آهي،ان کانسواءِ لاهور سان لاڳاپيل سيٺ عابد جو پٽ ساجد محمود ورجن آئي لينڊ ۾ ڪمپني جو مالڪ آهي،سيٺ عابد جي ڪٽنب جون 30 آف شور ڪمپنيون منظر عام تي آيون آهن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جو دوست عرفان اقبال به 3 آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي، پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ايم ڊي عبدالستار ڏيرو جون به پرڏيهي ڪمپنيون آهن،ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر شوڪت احمد جي نالي تي ڪمپني رجسٽرڊ آهي، جڏهن ته سندس پٽ ۽ ننهن شيئر هولڊر آهن،آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ شرمين عبيد چنائي جي امڙ صبا عبيد جون به 3 پرڏيهي ڪمپنيون آهن، ايڊمرل رٽائرڊ مظفر حسين جو پٽ اظهر حسين به هڪ پرڏيهي ڪمپني ۾ شيئر هولڊر آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳُوڻي سينيٽر رخسانا زبير به پرڏيهي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته محترما بينظير ڀٽو جي ڪزن طارق اسلام جو نالو به آف شور ڪمپنيون رکندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *