پارٽي قيادت سان اختلاف واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن مخدوم امين فهيم

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينيٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم وضاحت ڪئي آهي ته پارٽي قيادت سان سندس ڪو به اختلاف نه آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو معاملو پيءُ ۽ پٽ جو مسئلو آهي، تِنهن سان اسان جو ڇا؟ صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم امين فهيم چيو ته پارٽي قيادت سان اختلاف واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن. هن چيو ته پارٽي ۾ سُڌارن جي ضرورت پيش آئي ته هو پنجاهه ڀيرا ڳالهائيندو. امين فهيم جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو کي سائيڊ ڪرڻ وارين خبرن جي کيس خبر نه آهي، اهڙين ڳالهين تي هو توجهه نه ڏيندو آهي، سندس چوڻ هو ته بلاول وارو معاملو پي پٽ جو مسئلو آهي، تنهن سان سندن ڇا؟ مخدوم امين فهيم جو اهو به چوڻ هو ته هن نه ڪڏهن فارورڊ بلاڪ ٺاهيو آهي ۽ نه وري ٺاهيندو، پهرئين ڏينهن کان هو پارٽي سان آهي ۽ ڪڏهن به ڌڙا بندي ته هُن يقين نه رکيو آهي. هن چيو ته وزارت تان پارٽي قيادت سان جهيڙي يا اختلاف هجڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي، اهڙيون سموريون ڳالهيون غلط آهن. مخدوم امين فهيم جو چوڻ هو ته سندس پٽ اڄ به وزير آهي، تنهنڪري اهڙين ڳالهين کي خاطِر ۾ نه آندو وڃي. هن چيو ته ٿر جي صورتحال جيڪا پهرئين ڏينهن هئي، اها اڄ به جيئن جو تيئن آهي، باقي انتظاميه جي تبديلي حڪومت جو حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *