پارٽي سربراهه سينيٽ ٽڪيٽ پيو ڏئي، قانون ڪالعدم ٿيو ته ٽيڪٽ جو ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ايڪٽ 2017ع خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارٽي سربراهه سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون ڪالعدم ٿي ويو ته ٽيڪٽ جو ڇا ٿيندو؟ تفصيل موجب سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران مسلم ليگ ني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دير  لاءِ درخواست ڪئي، چيف جسٽس آف پاڪستان ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ  ٻڌڻي تي تياري ڪري اچو، پارٽي سربراهه سينيٽ جي ٽيڪٽ ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون ڪالعدم قرار ٿي ويو ته ٽڪيٽ جو ڇا ٿيندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *