اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته اسان کي برداشت ۽ صبر سان هلڻ گهرجي، اهڙو طريقي ڪار اختيار نه ڪيو جنهن سان ادارن کي پنهنجي خلاف ڪري ڇڏيو ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ گهڻي حد تائين نه وڃڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀٽو صاحب پي اين اي سان ڳالهه ٻولهه ڪري ها ته معاملا خراب نه ٿين ها پر ڀٽو صاحب انتهائي حد تائين ويو، جنهن سبب کيس نقصان پهتو. هن چيو ته جڏهن بينظير ڀٽو صاحبا 86 ۾ موٽي آئي ته سندس شاندار استقبال ٿيو ۽ اچڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو ايتري سخت تحريڪ هلائي، جو ڪارڪن ۽ عوام ٿڪجي پيو، ان وقت چونڊن جو نتيجو آيو ته پ پ کي خواهش ۽ اميدن موجب سيٽون نه ملي سگهيون. چوڌري نثار چيو ته اڄ به پارٽي جي مضبوطي لاءِ سوچي سمجهي ڪم ڪرڻو پوندو.27