پارٽيون آهن به يا نه خبر ناهي، وڏي وزير پي ايس پي ۽ متحده کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ محمد زبير سان گڏ ايڪسپو سينٽر ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽڊاپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سڀ کان وڏي عالمي نمائش “ڏهين ايڪسپو پاڪستان 2017ع” جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير سان گڏ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ وفاقي واپار وارو وزير پرويز ملڪ پڻ هئا. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي پارٽيون موجود آهن يا نه مون کي ڄاڻ نه آهي، سندن پارٽيءَ جو نالو جڏهن فائنل ٿي وڃي ۽ ٻئي جماعتون پنهنجو موقف ظاهر ڪن ته انهن بابت ڳالهائي سگهجي ٿو. هن چيو ته منظور وساڻ اڳئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اهي هڪ ئي آهي. هن چيو ته ٻئي پارٽيون پاڻ ئي وس وسن جو شڪار آهن، گذريل ڏينهن  واري سياسي هلچل سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي ڪوبه فرق نه ٿو پوي. اتحاد جي جوڙ بعد ڏٺو ويندو ته اڳواڻ ڪير آهي، اڃا ته سندن خبر نه اٿن ته اڳواڻ ڪير آهي. هن ٻنهي جماعتن جي اتحاد تي پراڻو گيت ورجايو ته ”ڪس نام سي پڪارون، ڪيا نام هي تمهارا“. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻو جنرل پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر آهي، واپس ايندو ته ڏسنداسين. امن امان جي صورتحال بابت وڏي وزير چيو ته شهر جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، اهڙي قسم جا ايونٽ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، امن بحال ٿيڻ سان سيڙپڪار ڪراچي اچي رهيا آهن، ايڪسپو پاڪستان ان جو ثبوت آهي جنهن ۾ 85 ملڪن جا وفد شريڪ ٿيا آهن ۽ ان سان ملڪي برآمد ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *