پارليامينٽ ۾ اچڻ تي تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چوندس: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چوندس پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور ٿيڻ نه ڏناسين اهو پ پ جو وزن هو، خورشيد شاهه سکر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ کي مانجهاندو ڏنو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته اڄ ٻيهر سموري اسلامي دنيا ۾ انتشار ڦهلجي چڪو آهي پاڪستان کي وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، خورشيد شاهه مطابق يمن جي معاملي تي پيپلز  پارٽي چيو هو ته حڪومت پاڻ فيصلو نه ڪري اهو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيڻ ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *