پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ۽ ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن؟ : عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسيمبلي ميمبر اي سي ايل کان ايترا ڊنل ڇو آهن ۽ اهي ٻاهر وڃڻ جا خواهشمند ڇو آهن وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽيوٽر بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ سياستدانن جي ڪرڻ لاءِ گهڻا ڪم آهن جنهن سان اهي محبت جي دعويٰ ڪن ٿا پر هي ماڻهو ٻاهرين ملڪ دورن تي وڃڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا آهن وزيراعظم چيو ته ڪافي ميمبر ٻاهرين ملڪن جا اڪامه ۽ رهائش رکن ٿا وزيراعظم سوال ڪيو ته ڇا ڪوئي ان عجيب مفروضي جي وضاحت کيس ڏيئي سگهي ٿو جيڪي حقيقي طور تي پاڪستان سان پيار ڪن ٿا ۽ پاڪستان ۾ رهڻ ۽ هتي ئي ڪم ڪرڻ پسند ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *