پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، وزيراعظم جي استعفيٰ جو مطالبو رد

اسلام آباد (بيورو) پارليمينٽ جي islamabad-national-assemblyگڏيل اجلاس ۾ ميمبرن وزيراعظم جي استعفيٰ جي مطالبي کي هڪ دفعو ٻيهر رد ڪندي چيو ته پارليمينٽ پنهنجي حقن جي دفاع لاءِ گڏيل قرارداد آڻي ڊي چوڪ ۾ اسان جون روايتون ۽ ڪلچر کي چچريو پيو وڃي عمران ان پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان جي قيادت بابت شرڪ جوڳي زبان استعمال ڪري ٿو پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس ۾ خميس تي به ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث ۾ به جاري رهي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر سيد صالح شاهه چيو ته اپوزيشن جمهوريت لاءِ حڪومت جي پٺڀرائي ڪئي حڪومت موجوده صورتحال تي جهڙي طرح صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي اسان جي اڳواڻن هن جمهوريت لاءِ وڏيون خدمتون ڪيون هن چيو ته ڊي چوڪ ۾ اسان جي روايتن ۽ ڪلچر کي چچريو پيو وڃي عمران خان بابت مولانا فضل الرحمان جيڪو خاڪو پيش ڪيو هو اهو هاڻي صحيح ثابت ٿي رهيو آهي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي آئين ۾ هوش تي جوش کي فوقيت ڏني وڃي ٿي عمران خان پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان جي قيادت بابت شرم جوڳي زبان استعمال ڪري ٿي هن چيو ته هي ڌرڻو جمهوري يا سياسي نه آهي قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي پارليماني ليڊر صاحبزاده طارق الله مطالبو ڪيو ته حڪومت پوليس کي متبادل رهائش فراهم ڪري تعليمي ادارا کولرائي صاحبزاده طارق الله پوائٽ آف آرڊر تي چيو ته اسلام آباد جا ڪيترائي اسڪول هن وقت به پوليس جي رهائش جي ڪري بند آهن ان حوالي سان والدين احتجاج به ڪيو حڪومت پوليس کي متبادل رهائش ڏيئي انهن تعليمي ادارن کي کولي اسپيڪر چيو ته وفاقي وزير زاهد حامد هي معاملو نوٽ ڪري ورتو آهي موجوده سياسي صورتحال تي بحث تي حصو وٺندي عبدالرحيم مندوخيل چيو ته ميثاق جمهوريت جي ذريعي سمورين سياسي جماعتن هڪ سياسي ضابطئه اخلاق جوڙيو پارليمينٽ قربانيون ڏيئي جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي سڄي دنيا ۾ وزيراعظم کان اهڙي طرح استعفيٰ نٿي ورتي وڃي جهڙي طرح ڌرڻي وارا گهري رهيا آهن هن چيو ته فاٽا کي بنيادي حق نه پيا ڏنا وڃن پارليمينٽ پنهنجي حقن جي دفاع لاءِ گڏيل قرارداد آڻي رشيد گوڊيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هٺڌرمي ۽ مان نه مڃان وارو رويو ئي اسان کي ٻوڙي ڇڏيندو رشيد گوڊيل چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص جا حق هڪ جيترا آهن اسان به ايترائي پاڪستاني آهيون جيترو پنجاب ۽ سنڌ جو رهڻ وارو ڪراچي جي رستن تي 6 جنازه پيا هئا ڪوئي ڪلهو ڏيڻ وارو نه هو هن چيو ته ماڊل ٽائون سانهي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ئي مسئلي جو سبب آهي جيڪڏهن 17 تاريخ تي ايف آءِ آر ڪٽي وڃي ها ته 18 تي ڪوئي اسڪرپٽ نه هجي ها. بحث ۾ حصو وٺندي اياز سومرو چيو ته پارليمامينٽ آڏو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هي سڀني جي سامهون آهي چونڊيل ميمبر وزيراعظم وزيرن لاءِ جيڪا زبان استعمال ٿي رهي آهي اها صحيح نه آهي، ظرف کانسواءِ سياست ممڪن نه آهي قومي ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن پي ٽي وي ۽ ميڊيا تي حملو ملڪ ۽ قوم تي حملو آهي جمهوريت، آئين، نظام جي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي پيپلزپارٽي پنهنجي شهيد اڳواڻ جي زبان تي عمل ڪري نوازشريف جو ساٿ ڏيئي رهي آهي اليڪشن ۾ اسان به چئون ٿا ته ڌانڌلي ٿي پر جمهوريت خاطر اسان نتيجا تسليم ڪيا تحريڪ انصاف جو نائب صدر لاڙڪاڻو آيو اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جو تعزيتي ريفرنس هو اتي به سياسي تقرير ڪئي ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن شيم شيم چيو سنڌ جا ماڻهو ڪنهن جا مريد نه آهي اهي ڀٽي جا مريد آهن اسان جمهوريت آئين پاڪستان جي حقن ۾ آهيون پيپلزپارٽي نوازشريف کي استعفيٰ نه ڏيڻ ڏيندي هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اڄ سوال ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن اهو ئي ڌرڻو اسان ڪيون ها ته غدار چيون وڃون ها اسان کي خبر آهي ته اسان سڀ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو وزراعظم اٽڪ ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو پوري پارليامينٽ جي زبان هئي ته 5 هزار جي چوڻ تي استعفيٰ نه ڏيندس. تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبمر ناصر خٽڪ چيو ته چيني صدر کي پاڪستان دوري جي دعوت ڏيڻ لاءِ متفقه قرارداد منظور ڪئي وڃي جڏهن ته ان جو دورو ملتوي ٿيڻ سبب پيدا ڪندڙن جي خلاف مذمتي قرارداد به منظور ڪئي وڃي. پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ سنيٽر مشاهد الله خان پارليمان جي خصوصي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڌرڻي جي اڳواڻن جو مقصد ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ آهي هن چيو ته ڌرڻي جي ڪري چين جي صدر سميت ٽن ملڪن جي سربراهن پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو سينيٽر مشاهد اللهخ ان متعلق ڌرڻن سبب ملڪ کي هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي هن الزام عائد ڪيو ته هي گريٽ گيم جو حصو بڻجي پاڪستان آيو آهي مشاهدالله چيو ته ملڪ جو هر ادارو جيڪڏهن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ته مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *