پارليامينٽ جا ڪيترائي ميمبر اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ غيرسنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، شڪايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جا ڪيترائي ميمبر اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ غيرسنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن،اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه،چوڌري نثار علي ۽ خواجا آصف سميت ڪيترن ئي پارلياماني ميمبرن ملڪيتن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيلپڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ميمبر اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. پڌرائي موجب، هڪ هزار 38 پارلياماني ميمبرن مان هن وقت تائين رڳو 127 ميمبرن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ميان نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ سينيٽ چيئرمين رضا رباني اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پڌرائي موجب، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، چوڌري نثار، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق اعتراز احسن، راجا ظفرالحق ۽ احسن اقبال سميت ڪيترن ئي سياستدانن اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا. اليڪشن ڪميشن چيو ته اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر آهي،تنهنڪري ميمبر ڄاڻايل تاريخ کان اڳ پنهنجن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *