پارلياماني ڪميٽي سردار رضا کي اتفاق راءِ سان چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پارلياماني ڪميٽي، وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس سردار رضا کي اتفاق راءِ سان چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪميٽي چيئرمين رفيق رجوانه چيو آهي ته سردار رضا جو نالو وزيراعظم ڏانهن موڪليو ويندو، ڪنهن پارٽي جي غير حاضر هئڻ سبب ڪميٽي جي فيصلن تي اثر ناهي پوندو. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رفيق رجوانه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ ايم ڪيو ايم ۽ عوامينيشنل پارٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو ميمبر شهريار آفريدي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليل جسٽس سردار رضا، جسٽس رٽائرڊ طارق پرويز ۽ جسٽس رٽائرڊ تنوير احمد جي نالن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سينيٽر اسلام الدين شيخ، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ جسٽس سردار رضا جو نالو پيش ڪيو، جنهن تي سمورن ميمبرن اتفاق ڪيو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪميٽيءَ جي چيئرمين رفيق رجوانه ٻڌايو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪميٽي ڏانهن 3 نالا موڪليا ويا هئا، جن مان جسٽس سردار رضا جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. رفيق رجوانه چيو ته سردار رضا جو نالو منظوري لاءِ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن موڪليو ويندو. تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ ڪميٽي چيئرمين رفيق رجوانه چيو ته ڪنهن به ميمبر جي شرڪت نه ڪرڻ سان ڪميٽي جي فيصلن تي اثر ناهي پوندو، ڪميٽي جي فيصلي تي کيس فخر آهي، هو تاريخي فيصلي تي قوم کي واڌايون ڏئي ٿو. پارلياماني ڪميٽيءَ جي چيئرمين رفيق رجوانه چيو ته جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خورشيد شاهه سميت سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته سردار رضا آئين جي دائري ۾ رهي اليڪشن ڪميشن جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. واضح رهي ته جسٽس سردار رضا 1948 ۾ ايبٽ آباد ۾ پيدا ٿيو، 1968 ۾ سول جج ٿيو. سردار رضا پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 8 سالن تائين سپريم ڪورٽ جو جج پڻ رهي چڪو آهي، جڏهن ته هن وقت هو وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ٿيڻ لاءِ سردار رضا کي وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *