پاراچنار (اين اين آءِ) ڪرم ايجنسي جي علائقي پارا چنار ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ڪيترن جي حالت نازڪ آهي جنهن سبب فوتگي ۾ واڌ جو خدشو آهي جڏهن ته صدر ممنون حسين وزيراعظم نوازشريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته پنهنجي ڌرتي تان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ اسان جي قومي ذميواري آهي گهرو وزير چوڌري نثارعلي بم ڌماڪي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي اطلاع موجب جمعي تي ڌماڪو ڪرم ايجنسي جي علائقي پاراچنار جي نور بازار ۾ ٿيو جنهن جي ويجهو امام بارگاهه ۽ ڪيترائي دڪان موجود آهن نجي ٽي وي مطابق اسپتال ذريعن ڌماڪي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي پوليٽيڪل انتظاميه مطابق 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن چٽن شاهدين موجب ڪجهه حملو ڪندڙن بازار کان ڪجهه مفاصلي جي وٿي تي موجود فاٽڪ تي بيٺل ليويز اهلڪارن کي فائرنگ جو نشانو بڻايو جنهن کان پوءِ بازار ۾ ڌماڪو ٿيو پوليٽيڪل انتظاميه موجب نور مارڪيٽ ۾ بم ڌماڪو ڪار سان ڪيو ويو ڌماڪي کان پوءِ گاڏي جا ٽڪرا پري پري تائين ڦهلجي ويا ڪيترائي دڪان ۽ اتي بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو پارا چنار سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر ساجد حسين موجب ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ آپگهاتي حملي کان اڳ فائرنگ به ڪئي ويئي برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌماڪو تمام مصروف علائقي ۾ ٿيو ۽ ان جو نشانو عورتن جي مسجد تي ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف ايجنسي واري مقامي هيڊڪوارٽر اسپتال جي ڊاڪٽر ممتاز حسين موجب اسپتال ۾ آندل ميتن ۾ هڪ عورت ۽ ٻه ٻارڙا شامل آهن ڊاڪٽر ممتاز حسين زخمين جي لاءِ گهربل رت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي واقعي جو اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو اهلڪار حادثي واري جاءِ تي پهتا ۽ پاراچنار جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي هوڏانهن پاراچنار ڌماڪي کان پوءِ پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي پاڪ فوج پاران جاري ٿيندڙ بيان مطابق ڌماڪي واري هنڌ تان زخمين کي ڪڍڻ لاءِ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر موڪليو ويو صدر ممنون حسين دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ان حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙ بيگناهه ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان وزيراعظم آزاد ڪشمير فاروق حيدر خان سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊپٽي اسپيڪر گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شآهه پنجاب جو وڏو وزير ميان شهبازشريف بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُالله زهري پنجاب جو گورنر بلوچستان جو گورنر سنڌ جو گورنر ڪي پي ڪي جي گورنر مريم اورنگزيب پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سراج الحق تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ڌماڪي جي مذمت ڪندي واثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.