پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي رهيا آهن: حيدر عباس رضوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمون سندن ڪارڪنن ۽ هڪ مخصوص فرقي جي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيون آهن وزيراعظم، وڏي وزير، گورنر ۽ ٻي قيادت اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي ٻين اڳواڻن سان گڏ نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ ٽن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد ايم ڪيو ايم ۽ هڪ مخصوص مذهبي فرقي جي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. حيدرعباس رضوي چيو ته دهشتگردن جا هٿ روڪڻ وارو ڪوبه نه آهي پر ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي گهرن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. حيدرعباس رضوي شهرين کي پنهنجي خرچ محلا ڪميٽيون ٺاهڻ ۽ ڳجهيون ڪئمرائون لڳائڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين پروفيشنلز کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن وزيراعظم، وڏي وزير، گورنر ۽ ٻي قيادت کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *