
ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم چيو آهي ته هو پنهنجي ڪيريئر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪندو آهي، پئسي لاءِ ڪڏهن به شادي جي تقريب ۾ ڊانس نه ڪندو آهيان، پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ جان ابراهم چيو ته فلمن ۾ هن لاءِ ڪم هجي يا نه سندس هڪ اصول آهي ته شادي جي تقريب ۾ ڊانس ناهي ڪرڻي ڇاڪاڻ ته اهو ڪم گهٽ ۾ گهٽ منهنجي معيار کان گهٽ آهي، اداڪار چيو ته سندس زندگي جا مضبوط اصول آهن، جن تي سختي سان عمل ڪندو آهيان.