پئسي جو استعمال روڪڻ لاءِ آئيني ترميم اسان جي ناڪامي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ آئيني ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته پئسي جو استعمال روڪڻ لاءِ آئيني ترميم اسان جي ناڪامي آهي، اليڪشن ڪميشن ووٽ جو هنڌ تبديل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هارس ٽريڊنگ سياسي ۽ پارلياماني نظام لاءِ زهر قاتل آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ سڀني پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جتي خطرو محسوس ڪري پئي، اتي ترميم آڻي رهي آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ آئيني ترميم اسان جي ناڪامي آهي. خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ اليڪشن جو شيڊول جاري ٿيڻ باوجود اميدوار پنهنجو ووٽ تبديل ڪرائي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت گلگت بلتستان ۾ بدترين ڌانڌلين جون تياريون ڪيون آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ ن جو ڪارڪن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *