پئرس واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو تعلق ڪنهن به مذهب ۽ انسانيت سان ناهي، اهي حيوان آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد(اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پئرس دهشتگردي جي واقعن ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس ڪرڻ لاءِ فرانس جي سفارتخاني وڃي همدردي ڪندي تعزيت ڪئي. سومر ڏينهن سيد خورشيد احمد شاهه جڏهن فرانس جي سفارتخاني پهتو ته اتي عورت سفارتڪار سندس استقبال ڪيو. سيد خورشيد شاهه فرانس جي سفارتخاني جي فرسٽ سيڪريٽري سان فرانس ۾ دهشتگردي جي واقعن تي افسوسو جو اظهار ڪيو ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي.ان موقعي تي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو تعلق ڪنهن به مذهب ۽ انسانيت سان ناهي اهي حيوان آهن جيڪي انسانيت جا ويري آهن. هن چيو ته عالمي برادري گ0جي انهن جو خاتمو آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان به ڪيتري عرصي کان دهشتگردي جو متاثر آهي ۽ ان جنگ ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ان بي رحم دهشتگردي ۾ پنهنجي اڳواڻ بينظير ڀٽو جي حياتي به وڃائي چڪا آهيون. هن ان موقعي تي سفارتخاني ۾ رکيل ڪتاب تي پنهنجا تاصرات به لکيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *