ٽڪيٽون ڪنهن کي نه ڏيندس، ٽڪيٽن جي لاءِ سڀني جي اهليت مان پاڻ ڏسندس: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏينداسين ، ڪارڪنن جي جذبي جو احساس آهي، جيستائين مان مطمئن نه ٿيندس تيستائين پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيندس، ميڊيا رپورٽ موجب هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن ڪندڙ نه بچي سگهندا، جن ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏني هئي سڀ کان اڳ انهن جو احتساب ٿيندو ڪارڪن فڪر نه ڪن اميدوارن جي ڪارڪردگي کي ڏسي انهن کي مان پاڻ ٽڪيٽ ڏيندس، اسان جي پارٽي احتساب ۽ انصاف لاءِ ٺهي هئي، هن جو چوڻ هو ته 2013 جي اليڪشن جي تياري نه هئي پر هن ڀيري پوري تياري سان اليڪشن وڙهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *