ٽڪراءُ جو رستو ڇڏي ڪراچي آپريشن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي: جماعت اسلامي

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق جي صدارت هيٺ منصوره ۾ 3 ڏينهن جاري رهيو اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي مفصل بحث کان پوءِ هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو هي اجلاس ڪراچي آپريشن جي حوالي سان وفاق پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي اختلاف نه پر اختيارن جي جنگ تي تشويش ناڪ ۽ جمهوري ادارن لاءِ خطرناڪ قرار ڏي هو اها حقيقت آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪراچي ۾ آپريشن جي ڪري ڪراچي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي ۽ ڊگهي عرصي کان جاري دهشتگردي ٽارگيٽ ڪلنگ ڀتاخوري ٻوري ۾ بند لاش نوگوايرياز ۽ چائنا ڪٽنگ جهڙا ڏوهه گهٽجي ويا آهن پر هاڻي ڪرپشن ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي جي الزام ۾ گرفتار ڪجهه بااثر ماڻهن کي قانوني چنڀي مان بچائڻ ۽ پنهنجا پنهنجا سياسي مفادن جي تحفظ لاءِ سنڌ هڪومت ۽ ڪجهه سياسي عنصر رينجرز جي اختيارن کي محدود ڪرڻ ۽ آپريشن کي ناڪام ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ۽ سڌي طرح ملڪ کي غير جمهوري قدمن ڌانهن ڌڪي رهيا آهن جماعت اسلامي پاڪستان اقتدار ۾ ويٺل پارٽين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان گهر ڪري ٿي ته اهي ٽڪرا جو رستو ڇڏي ڪراچي آپريشن کي آخري انجام تائين پهچائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *