ٽڊا ڪيس: اڳوڻي وزير اعظم گيلاني ۽ امين فهيم کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ) مقامي اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي تجارت واري وفاقي وزير مخدوم امين فهيم کي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪري 10 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي خميس تي مقامي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ٽڊاپ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بختيار چنا اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ امين فهيم سميت ان جي ٻين ساٿين خلاف ٽڊاپ ۾ ڪرپشن متعلق تفتيش مڪمل ڪندي 12 ڪيسن جي حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو. ايف آءِ اي پاران پيش ڪيل حتمي چالان ۾ پيپلزپارٽي جي ٻنهي اڳواڻن سميت ٻين کي فرار قرار ڏنو. جنهن تي عدالت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ امين فهيم سميت ٻين کي 10 سيپٽمبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ٻنهي اڳواڻن تي ٽڊاپ ۾ 50ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن. سيد يوسف رضا گيلاني تي 7 جڏهن ته مخدوم امين فهيم تي 5 ڪيس داخل آهن. واضح رهي ته پيپلزپارٽي جي ٻنهي اڳواڻن 12 مختلف ڪيسن ۾ پيش ٿي پنهنجون ضمانتون ڪرائي چڪا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *