ٽڊاپ اسڪينڊل جي 9 ڪيسن ۾ مخدوم امين فهيم جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ اسڪينڊل جَي 9 ڪيسن ۾ مخدوم امين فهيم جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو،جيڪو 19 نومبر تي ٻـُڌايو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني،پي پي پارليامينٽريز جي صدر مخدوم امين فهيم ۽ ٻين خلاف ٽڊاپ اسڪينڊل جي 9 ڪيسن جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻيءَ دوران يوسف رضا گيلاني ۽ پي ايم هائوس جو اڳوڻو ڊپٽي سيڪريٽري محمد زبير پيش ٿيو، جڏهن ته مخدوم امين فهيم پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. پي ايم هائوس جي اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري محمد زبير عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي دٻاءُ وجهي کانئس مرضي جو بيان ورتو. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽڊاپ اسڪينڊل جي جاچ پي پي دور ۾ شروع ٿي هئي،انڪري پيپلزپارٽي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ وارو تاثر درست ناهي. يوسف رضا گيلاني جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خلاف داخل 21 ئي ڪيسن ۾ ساڳيا الزام لڳايا ويا آهن،اهو سياسي انتقام ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالتن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بدران مضبوط ڪيو وڃي،ڇاڪاڻ ته ادارن جي مضبوطي سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت مخدوم امين فهيم جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري يوسف رضا گيلاني سميت سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته هن پنهنجو موقف عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو، ان سلسلي وڌيڪ نه ڳالهائيندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته سندن خلاف چورن کي شاهد طور پيش ڪيو ويو،جيڪا ناانصافي آهي پر ائين ڪرڻ سان ڪو به وزيراعظم ڪارروائي کان بچي نه سگهندو. هـُن چيو ته ڪوبه وزيراعظم اڪيلي سر ڪجهه به نٿو ڪري سگهي،پراڻن الزامن تي نوان ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *