ٽي ٽي پي سان ڳالھيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن، ھاڻي جنگ ٿيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگهن، جيڪو هٿيار کڻندو ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. گهرو وزير سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي چيو ته سياسي ماڻهن سان سياسي طريقي سان ڳالهيون ڪيون وڃن جيڪو هٿيار کڻندو ان کي طاقت سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته جهڙيون مخالف طاقتون هجن ان کي اهڙي طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي. اسان جي ڪوشش آهي ته سڀ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ اچن جيڪڏهن ڪنهن به ملڪي سالميت خلاف قدم کنيو ته انهن کي جواب ڏيڻو پوندو. ٽي ٽي پي جون شرطون اهڙيون آهن جنهن کي مڃي نٿو سگهجي. افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ ٽي ٽي پي جا ماڻهو موجود آهن ۽ ڪيترائي گروپ گڏ ٿي ويا آهن. هنن اسان جون شرطون ناهن مڃيون سيز فائر هنن پاڻ ختم ڪيو آهي. بلوچستان ۾ ٿيندڙ ڪالهوڪي واقعي ۾ جيڪا ڪميونيڪيشن پڪڙي وئي هئي انهن مان ڪجهه ماڻهو افغانستان ۽ انڊيا سان رابطي ۾ آهن. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته دهشتگرد ملڪ ۾ ڪٿي به ڪابه واردات ڪري سگهن ٿا اسان سمورن چيف سيڪريٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فورسز کي الرٽ رکن. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ انٽرنيٽ جو استعمال ڪندا آهن. ڪالهوڪي واقعي ۾ به دهشتگرد واٽس ايپ ذريعي پنهنجي ماسٽرز سان لائيو رابطي ۾ هئا، ان معاملي کي به ڏسو. جنهن تي وفاقي وزير شيخ رشيد جواب ڏنو ته اسان تيستائين ڪميونيڪيشن ٽوڙي نٿا سگهون جيستائين صوبو پاڻ نه چوي. ڪالهه به جڏهن اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان فوري طور تي انٽرنيٽ بند ڪيو. صوبائي حڪومت طرفان درخواست ڪئي وڃي ته اسان ان علائقي جو انٽرنيٽ بند ڪري سگهون ٿا. گهرو وزارت پنهنجي طور تي ڪنهن به علائقي جي ڪميونيڪيشن ختم نٿي ڪري سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *