ٽي ٽوئنٽي ۾ وڌيڪ رنسون، حفيظ شعيب ملڪ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) محمد حفيظ شعيب ملڪ جو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ م سڀني کان وڌيڪ رنسون  ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو پر ان جي فورن بعد ئي هو پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو.گذريل ڏينهن سائوٽ آفريقا جي خلاف ميچ ۾ کيس رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ 13 رنسون گهربل هيون. شعيب ملڪ ڪيريئر ۾ 2335 رنسون ٺاهيون هيون. محمد حفيظ پنهنجي رنسن جو انگ 2336 ڪري ورتو ۽ هو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ نمايان اسڪورز جي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 1359، مارٽن گپٽل 2939، روهيت شرما 2864 ۽ ايروبن فنچ 2346 رنسون ٺاهي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *