
موهالي (اسپور ٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ٽي 20 ۾ پاڪستان کي پنهنجي ٽئين گروپ ميچ ۾ اڄ اڱاري تي نيوزيلينڊ جي چيلينج کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن لاءِ قومي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪرڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي،اها ميچ مصنوعي روشنين ۾ پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم موهالي ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستاني وقت مطابق شام 7 وڳي شروع ٿيندي، ڀارت هٿان مات کانپوءِ گرين شرٽس کي سيمي فائينل جي ڊوڙ ۾ رهڻ لاءِ اها ميچ کٽڻ تمام ضروري آهي، پاڪستان ايونٽ ۾ اڪيلي ميچ بنگلاديش خلاف کٽي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجون شروعاتي ٻئي ميچون کٽي گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن تي آهي، بليڪ ڪيپس پهرين ميچ ۾ ڀارت ۽ ٻئي ۾ آسٽريليا کي مات ڏني. پاڪستاني ٽيم پنهنجي چوٿين ۽ آخري گروپ ميچ 25 مارچ تي آسٽريليا خلاف موهالي ۾ کيڏندي،سڀاڻڪي ميچ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٻح تبديليون ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق اوپنر شرجيل خان جي جاءِ تي خالد لطيف ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي عماد پسيم کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.001