ٽي وي چينلز تي ناشائسته اشتهار روڪڻ لاءِ قانون مطابق پيمرا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ٽي وي چينلز تي ناشائزته اشتهار روڪڻ لاءِ قانون مطابق پيمرا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جي اقتدار سان مطابقت رکندڙ پروگرام نشر ڪيا وڃن اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ محمد جمال الدين جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ناشائسته اشتهارن بابت توجهه ڏياريو نوٽيس جو جواب ڏيندي پرويز رشيد چيو ته ٽي وي هر گهر ۾ موجود هوندي آهي سموري فئملي گڏجي هي پروگرام ڏسندي آهي جيڪڏهن هي ٽي وي پروگرام اسان جي سماجي قدرن مطابق نه هجن ته پيمرا کي ڪارروائي جو اختيار آهي اهڙن اشتهارن جي حوالي سان پيمرا نوٽيس به ڏنا ۽ ڪجهه ٽي وي چينلز تي ڏنڊ به ڪيا ويا اسان پنهنجي طور تي پوري ڪوشش ڪيون ٿا ته ٽيليوزن تي هلندڙ تصوير هر پروگرام پاڪستان جي سماجي قدرن مطابق مطابقت رکندڙ هجي توجهه ڏياريو نوٽيس تي محمد جمال الدين جي سوال جي جواب ۾ سينيٽر پرويز رشيد چيو ته قانون ۾ گنجائش مطابق ڪارروائي عمل ۾ آندي ويئي هڪ چينل تي قانون مطابق 10 لکن تائين جرمانو ڪري سگهجي ٿو. اسان جلوه ۽ آگ ٽي وي چينلز کي 10-10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ٽي وي چينلز عدالتن مان اسٽي آرڊر حاصل ڪري وٺن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *