ٽي ملڪي يوٿ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ اڄ کيڏي ويندي

ڪولڪته(اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي يوٿ ڪرڪيت ٽورنامينٽ ڀارت ۽ بنگلاديش جي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ ميچ (اڄ) اڱاري واري ڏينهن ڪولڪته ۾ کيڏي ويندي. ٽي ملڪي انڊر 19 ٽورنامينٽ ڀارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڀارت بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ميزبان ٽيم ٻئي ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي سڀ کان اڳيان آهي. بنگلاديش هڪ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته افغانستان ٻه ميچون کيڏيون ۽ ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي، ٽورنامينٽ جو پنجون ميچ 25 نومبر تي افغانستان ۽بنگلاديش جڏهن ته ڇهون ۽ آخري ميچ 27 نومبر تي کيڏيو ويندو. ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل 29 نومبر تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *