ٽيڪس گهٽ ڏنو يا وڌ جهانگير ترين ڄاڻي ۽ انڪم ٽيڪس وار ا، اسان وٽ معاملو صادق ۽ امين جو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب چيو آهي ته هن وٽ جهانگير ترين جو انڪم ٽيڪس گهٽ ڏيڻ وارو معاملو ٻڌڻي هيٺ ناهي جيڪڏهن هن ٽيڪس گهٽ ڏنو آهي ته هو ڄاڻي ۽ انڪم تيڪس وارا، اسان وٽ ته جهانگير ترين جي صادق ۽ امين ٿيڻ جو معاملو آهي. جهانگير ترين جي نااهلي بابت حنيف عباسي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال حنيف عباسي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان آف شور ڪمپني بابت اسان کي ڪجهه ناهي ڏنو ويو، جيڪڏهن توهان وٽ ايترو مواد موجود ناهي ته پوءِ توهان آف شور ڪمپني جو معاملو ڇو اٿاريو. وڪيل حنيف عباسي چيو ته پاناما ڪيس ۾ به اهي مسئلا هئا جنهن تي جسٽس عمر عطا چيو ته پاناما ڪيس جا مسئلا مختلف هئا، پاناما ڪيس ۾ وزير اعظم جي پارليامينٽ ۾ تقرير ۽ قوم سان خطاب جو معاملو هو، ڪجهه تسليم ٿيل شيون هيون جيڪي هن ڪيس ۾ موجود ناهن. وڪيل حنيف عباسي چيو ته جهانگير ترين 545 ملين رپين جي زرعي آمدن ايف بي آر ۾ ظاهر ڪئي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون زرعي آمدن 120 ملين رپيا ظاهر ڪئي وئي، ان بابت ڄاڻي واڻي اليڪشن ڪميشن کي غلط ٻڌايو ويو. 2010ع ۾ فرق 425 ملين جو آهي، 2010 ۾ 120 ملين ٻڌايا، 2011 ۾ 107 ملين ظاهر ڪيا، جيڪي زرعي آمدن ظاهر ڪئي وئي اها غلط آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته انڪم ٽيڪس گهٽ ڏنو ته جهانگير ترين پاڻ ڄاني يا انڪم ٽيڪس وارا، اسان پٽ اهو ناهي معاملو ناهي، اسان وٽ معاملو جهانگير ترين جي صادق ۽ امين هئڻ جو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *