ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ملڪيتن جا اگهه طئي ڪرڻ صوبائي اختيار آهن، 18 هين آئيني ترميم کي ڇيڙڻ جا اڳرا نتيجا نڪرندا: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خبردار ڪندي چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم کي ڇيڙڻ جا اڳرا نتيجا نڪرندا.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته هن چيو ته حڪومت هميشه اسان جي خدشن جي ترديد ڪئي ته 18هين ترميم کي نه ڇيڙيو ويندو پر هاڻي ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، 18هين ترميم جي حوالي سان اسان جا خدشا سچ ثابت ٿيڻ لڳا آهن، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته 18هين ترميم کي ڇيڙڻ جا نتيجا خطرناڪ هوندا.
هن چيو ته خدمتن تي جي ايس ٽي، زرعي ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ملڪيتن جا اگهه طئي ڪرڻ جهڙا اختيار صوبائي اختيار آهن، اهي صوبائي اختيار واپس وٺڻ نه ڏينداسين. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت نان اشوز کي اشو بڻائي عوام جو ڌيان اصل مسئلن کان هٽائي رهي آهي، حڪومت آهستي آهستي پنهنجي اصل ايجنڊا طرف اچي رهي آهي ۽ اها ايجنڊا عوام ۽ صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ آهي، پر پيپلز پارٽي پنهنجي ٻين هم خيال جماعتن سان گڏجي حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *