
نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) پيري باس ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ آمريڪا جي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار سرينا وليمز کي بيلاروس جي اڳوڻي دنيا جي پهرين وڪٽوريا آذرنيڪا هارائي ڇڏيو آهي.آمريڪا ۾ کيڏي ويل پيري باس ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ ميزبان ملڪ جي سرينا وليمز ۽ بيلاروس جي وڪٽوريا آذرنيڪا وچ ۾ مقابلو ٿيو.اڳوڻي ۽ موجدا نمبر ون ٽينس رانديگرياڻين وچ ۾ دلچسپ مقابلو ڏسڻ ۾ مليو.بيلاروس جي رانديگرياڻي پنهنجي مخالف کي ڄمي کيڏڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ سڄي ميچ ۾ پنهنجي گرفت مضبوط ڪري رکي. وڪٽوريا آذرنيڪا سرينا وليمز کي ميچ ۾ 6.4 تان مات ڏني.003