ٽيم ورڪ بهتر ٿيندو ته سروس فراهمي ۾ واضح فرق ايندو: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد آفيسرن کي چيو آهي ته ٽرين آپريشن بهتر ڪرڻ جي حوالي سان جذبو پيدا ڪيو. تفصيل موجب لاهور ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ريلوي آفيسرن جو اجلاس ٿيو. شيخ رشيد احمد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهان نوجوان آفيسر کليل نموني مسئلن جي نشاندهي ڪيو، ٽرين آپريشن بهتر ڪرڻ جي حوالي سان جذبو پيدا ڪيو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ٽيم ورڪ بهتر ٿيندو ته سروس فراهمي ۾ واضح فرق ايندو، توهان سان گڏ ويهندس، ريلوي مسافرن جي بهتري لاءِ آئيڊياز ڏيو. شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته اسان هر سطح تي ريلوي ۾ بهتري آڻڻ جو رادو رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *