ٽيم نمبر ون ۽ معيشت سٺي هجي ته ڪا به ٽيم واپس نه ويندي: رميز راجا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪرڪيٽ معيشت سٺي هجي ۽ ٽيم نمبر ون هجي ته ٽيمون هتان کان واپس نه وينديون. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ روايتي گھنٽي وڄائي ڏينهن جي واپار جي شروعات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته اسٽيڊيمز ۽ ڪرڪيٽ جي اسٽرچرکي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪاروباري برادري ٻڌائي ته اسان ڪيئن مٿي وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان کي ڪرڪيٽ جي معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي، هن وقت اسان جي ڪرڪيٽ آئي سي سي جي فنڊنگ تي هلي رهي آهي ۽ اسان جي مقامي سيڙپڪارن جو حصو گهٽ آهي، تنهن ڪري ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ آءِ سي سي جي سهڪار سان هلي رهي آهي.رميز راجا چيو ”مان چاهيان ٿو ته توهان ڪرڪيٽ جي معيشت جي وڌائڻ ۾ حصو وٺو، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لحاظ کان ڪرڪيٽ گهوڻ نڪري چڪي آهي، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن پنهنجي واپسي مان ٻه شيون سکيون آهن، جيڪڏهن توهان جي ٽيم نمبر ون هجي ته ٽيمون واپس نه وينديون ۽ ڪرڪيٽ جي معيشت سٺي ھجي ته به ٽيمون واپس نه وينديون.هن چيو ته ورلڊ ڪپ جون تياريون جاري آهن، ڪوشش آهي ته بهترين ٽيم ميدان تي لهي، ”پچز ۽ گراس روٽ ڪرڪيٽ جو تمام خراب حال آهي، آهستي آهستي شيون بهتر ٿي وينديون، جيستائين مان هوندس ڪرڪيٽ جون ڳالهيون ٿينديون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *