ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر قرار: ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ تيار آهيون: بسمه معروف

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي تياري ڪري ورتي آهي، ٽيم جو ڪمبي نيشن سٺو آهي، ماضي جي ڀيٽ ۾ ٽيم وڌيڪ مضبوط آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بسمه معروف چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتاني اعزاز جي ڳالهه آهي. بسمه معروف جو چوڻ هو ته بيٽنگ لائين مضبوط آهي، هڪ 2 رانديگرياڻين جي ڪارڪردگي تي نٿا ڀاڙي سگهون،سموري ٽيم ڪوشش ڪندي ته سٺا نتيجا ملندا.ڪپتان چيو ته ٽيم ۾ عاليا رياض، ارم جاويد، ندا ڊار ڇڪا ۽ چوڪا هڻڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورلڊ ٽاپ ٽيمون اسان کان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيون آهن، پر پاڪستان وومينز ٽيم جو گراف به تيزي سان بهتر ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *