ٽيم جي شڪست جا ذميوار ڪوچ ۽ ڪپتان هوندا آهن ته پوءِ سليڪشن ڪميٽي ۾ به انهن کي شامل ڪرڻ گهرجي : سعيد اجمل

لاهور(اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور اسپنر سعيد اجمل چيو آهي ته ٽيم جي شڪست جا ذميوار ڪوچ ۽ ڪپتان هوندا آهن ته پوءِ سليڪشن ڪميٽي ۾ به انهن کي شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن وٽ شڪست جو ڪو جواز نه رهي. خميس تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾   هن چيو ته ڪوچ ۽ ڪپتان سليڪشن ڪميٽي جو حصو هوندا ته پوءِ ٽيم ۾ اهي ئي رانديگر شامل  هوندا جن جي ٽيم کي ضرورت هوندي، ٽيم جي 15 رانديگرن  مان حتمي 11 رانديگرن مان  به ڪپتان ۽ ڪوچ کي چونڊڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته مخالف ٽيم جي طاقت ۽ وڪيٽ جو اندازو انهن کي هوندو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو  ته هو ٽيم لاءِ غير ملڪي ڪوچ جي حق ۾ ناهي، ٽيم جو ڪوچ ملڪي هئڻ گهرجي ته جيئن رانديگرن جي انهن سان هم آهنگي سولائي سان ٿي سگهي پر ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪوچ سخت ۽ سمجهوتو ڪرڻ وارو نه هجي. هن چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهتري لاءِ  اسڪول، ڪالجز، ڪلبن ۽ ريجنز جي سطح تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هيڊ ڪوچ وقار يونس جي رپورٽ پڌري ٿيڻ جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي. هن چيو ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم جي شڪست جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي جلد پنهنجون سفارشون مڪمل ڪري پي سي بي جي چيئرمين کي ڏيڻ گهرجي ۽ پوءِ انهن سفارشن تي عمل ضرور ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *