ٽيلر سوئفٽ 2019ع ۾ سڀ کان وڌيڪ دولت ڪمائيندڙ ڳائڻي قرار

 

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ هلندڙ سال 28 ارب 63 ڪروڙ رپيا ڪمائي سڀ کان وڌيڪ پيسا ڪمائيندڙ ڳائڻي قرار ڏني وئي آهي. آمريڪي رسالي فوربز هلندڙ سال 2019ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڳائڻن ۽ موسيقارن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ٽيلر سوئفٽ کي هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڳائڻي قرار ڏنو ويو آهي. فوربز موجب ٽيلر سوئفٽ لاءِ هلندڙ سال سٺو رهيو جنهن ۾ هن وڌيڪ شهرت سان گڏوگڏ دولت به ڪمائي. واضح رهي ته گذريل پنجن سالن دوران ٽيلر سوئفٽ اهو اعزاز ٻيون ڀيرو حاصل ڪيو آهي ان کان اڳ 2016ع ۾ به فوربز کيس سال جي سڀ کان وڌيڪ دولت ڪمائيندڙ ڳائڻي قرار ڏنو هو. سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڳائڻن جي لسٽ ۾ ٻيون نمبر آمريڪي ڳائڻي ڪانيي ويسٽ جو هو آهي جڏهن ته ٽئين نمبر تي هن لسٽ ۾ برطانوي ڳائڻو ايڊ شيران موجود آهي. فوربز جي لسٽ ۾ ويسٽ انڊين رسالي بارباڊوس جي ميوزڪ ڪوئين ريحانا 11هين نمبر تي ۽ آمريڪي ڳائڻي ڪيٽي پيري 13هين نمبر تي موجود آهي. مشهور آمريڪي ڳائڻي جينيفر لوپيز ۽ ليڊي گاگا جا نالا به سڀ کان وڌيڪ دولت ڪمائيندڙ ڳائڻن ۾ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *