ٽوئنڪل کنا فواد خان جو نالو بالي ووڊ خانن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي وو اداڪارا ٽوئنڪل کنا پهريون ڀيرو ڀارت جي مشهور ٽاڪ شو ”ڪافي وٿ ڪرن“ جو حصو بڻي، جتي هن شو جي ميزبان ڪرن جوهر جون به وايون بتال ڪيون. ٽوئنڪل ان شو ۾ پنهنجي مڙس 49 سالا اداڪار اڪشي ڪمار سان شريڪ ٿي، ان دوران ريپڊ فائر رائونڊ ۾ ڪرن جوهر ٽوئنڪل کان سوال ڪيو ته ٽِن خانن عامر، شاهه رخ ۽ سلمان مان اوهان کي ڪهڙو وڻندو آهي؟ ان سوال تي ٽوئنڪل کنا ڪرن کي چٿر ڪندي چيو ته ان سوال ۾ هڪ ٻيو خان، فواد خان جو نالو شامل ڪر ۽ پوءِ جواب ڏينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *