
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خطرن جو رانديگر اڪشي ڪمار گهر واري اداڪارا ٽوئنڪل کنا جي چوڻ تي سري لنڪن حسينه جيڪولين فرنينڊس سان ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڪشي ڪمار ۽ فنڪارا ٽوئنڪل کنا جي جوڙي کي بالي ووڊ جي سڀني کان ڪامياب ۽ خوشگوار زندگي گذاريندڙ جوڙو خيال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته فنڪارا ٽوئنڪل کنا اڪشي ڪمار سان شادي کانپوءِ فلم نگري کان پري ٿي وئي آهي، پر اڪشي ڪمار جي فلم نگري بابت فيصلا هوءَ ئي ڪندي آهي، ٽوئنڪل کنا اداڪار کي بالي ووڊ حسينه جيڪولين کان پري رهڻ جي وارننگ ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار ۽ فنڪارا جيڪولين فرنينڊس هڪ تقريب ۾ بي تڪلف ٿي رقص ڪري رهيا هئا، جيڪو ان جي گهر واري فنڪارا ٽوئنڪل کنا کي هڪ اک نه وڻيو ۽ هن اڪشي ڪمار کي جيڪولين کان پري رهڻ ۽ گڏ ڪم نه ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ اڪشي ڪمار فلم ”هائوس فل“ جي چوٿين سيڪوئل ۾ سريلنڪن حسينا سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.