ٽوئرڊي سنڌ سائيڪل ريليءَ ۾ حصو وٺندڙ رانديگر ن جو خيرپور جي شاهه باءِ پاس پهچڻ تي شاندار استقبال

سکر(اسپورٽس نيوز) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي سهڪار سان 02 اپريل کان گهوٽڪي مان شروع ٿيل ٽوئرڊي سنڌ سائيڪل ريليءَ ۾ حصو وٺندڙ رانديگر ڪالهه سکر ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس کان ٿيندا خيرپور جي شاهه باءِ پاس پهتا ته ضلعي انتظاميا خيرپور طرفان سندن شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سائيڪل ريليءَ جو آڌرڀاءُ ڪرڻ وارن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور اويس مشتاق، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خيرپور غلام حيدر بلو ۽ ٻيا شامل هئا. ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ سنڌ سائيڪل جي قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي وئي واضٰح رهي ته سنڌ سائيڪل ريلي 16 اپريل تي ڪراچي پهچندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *