ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون: فواد چوڌري جي دعويٰ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته اسان ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن، جن جا نالا آيا آهن، انهن جون ٽي ڪيٽيگريون ٺاهيون ويون آهن، هڪ ڪيٽيگري اها آهي، جنهن آف شور ڪمپني ظاهر ڪئي آهي، ٻي ڪيٽيگري اها آهي، جنهن ڪمپني ٺاهي ۽ مني لانڊرنگ ڪئي، ٽين ڪيٽيگري ۾ آف شور ڪمپني ظاهر نه ڪندڙ آهن. هن چيو ته پينڊورا پيپرز تي وزيراعظم انسپيڪشن سيل ٺاهيو ويندو، جيڪو جائزو وٺندو ته ڪنهن جي آف شور ڪمپني قانوني ۽ ڪنهن جي غير قانوني آهي. سندس چوڻ هو حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 3 ربيع الاول کان 13 ربيع الاول تائين سرڪاري سطح تي اهو ڏهاڪو رحمت اللعالمين طور ملهايو ويندو ۽ ان حوالي سان تقريبون ڪوٺايون وينديون، عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي حڪومت قيدين جون سزائون گهٽائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون. سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ نئين آدمشماري ۾ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي آدمشماري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نون تڪن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويندو. آدمشماري آئين ۽ قانون مطابق ڪرائي ويندي هن چيو ته ماڻهن کي جڏهن ڳڻيو ويندو آهي ته هڪ ئي وقت ۾ ڪرفيو هڻي ڳڻيو ويندو آهي ته ڪير ڪٿي آهي ماڻهن کي سوالنامو موڪليو ويندو آهي ته جتي اوهان آيو اتي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان رهي رهيا آيو ڇا وڌيڪ 6 مهينا رهندا هن چيو ته ڪابينه فيصلو ڪيو آهي ته هڪ طريقيڪار مطابق اڳتي هلنداسين آدمشامري ۾ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽيبلٽس جو به استعمال ڪيو ويندو. نادرا ۽ ٻين ادارن کان مدد ورتي ويندي هن ٻڌايو ته آدمشماري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نون تڪن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اطلاع ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ينگ ڊاڪٽرز جو احتجاج لائسنس لاءِ ٽيسٽ تي ٿي رهيو آهي، هي امتحان سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي جڏهن ته ان تي احتجاج ڪرڻ ته اسان جو معيار نه پرکيو وڃي ۽ اسان کي ڊڪٽر بڻايو وڃي اهو ٺيڪ نه آهي فواد چوڌري چيو ته اسان نٿا چاهيون ٿا ته اسان جي ڊاڪٽرز کي پرڏيهي سطح تي تسليم نه ڪيو وڃي وفاقي وزير چيو ته توانائي واري وزارت نيپرا کي تجويز موڪلي اهي ته سردين ۾ گئس جا هيٽر بند ڪري بجلي تي منتقل ٿيندڙ واهپيدارن کي في يونٽ ۾ 7 رپين تائين رليف ڏنو ويندو. هن چيو ته گذريل حڪومت جي مهرباني سان پاڪستان ۾ بجلي گهڻي آهي ۽ گئس جي کوٽ آهي تنهنڪري چاهيون ٿا ته بجلي وڌيڪ وڪرو ٿئي ۽ گئس جو استعمال گهٽ ٿئي. هنچ يو ته پاور ۽ ڪنسٽريڪشن جي ٺيڪن ۾ لاڳت وڌائڻ ۽ ٺيڪيدارن کي فائدو ڏيڻ جي حوالي سان جائزووٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ مان پاڻ شامل آهيان چيئرمين نيب جي حوالي سان آرڊيننس بابت هن ٻڌايو ته هي موضوع ڪابينه جي اجالس ۾ بحث هيٺ نه آيو ٿي سگهي ڪجهه ڏينهن ۾ اسان هي آرڊيننس پيش ڪنداسين سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 30 سيپٽمبر 2021 جي ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي، ڪابينه ڊرگ ريسرچ رولز 1978 تحت ڪميٽي ڊرگ ريسرچ ۾ ماهر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪابينه ڊرگ ريگيوليٽري جي اٿارٽي سفارشن تي حياتي بچائيندڙ دوائن جي مشوري جي اجازت ڏئي ڇڏي هن چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ سردي ۾ گئس اگهن ۾ غور ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته شهبازشريف پاڻ نيب جو جوابدار آهي، شهبازشريف کان پڇي چيئرمين رکڻ ايئن آهي جيئن چور کان پڇا ڪئي وڃي ته ان کان ڪير پڇا ڳاڇا ڪندو نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ شهبازشريف سان صلاح مشورا نه ڪنداسين قانون شخصيتن لاءِ نه پر ادارن لاءِ ٺهڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *