ٽنڊي محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسندن مندر کي باهه ڏئي ڇڏي ، اقليتي برادري جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان (نمائندو) سنڌ ۾ اقليتن جي عبادتگاهن تي حملن جو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو، ٽنڊي محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسند مندر کي باھ ڏئي ڇڏي،واقعي خلاف هندو برادري پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڦليلي واھه تي قائم هنومانِ مندر کي اڻڄاتل شرپسندن باھه ڏني،جنھن جي نتيجي ۾ مورتيون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو. واقعي خلاف اقليتي برادريءَ جي ماڻھن موهن لال ايسراڻي،سريش آلواڻي ۽ بابو پٽيل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هندو برادري جي ماڻهن مطالبو ڪيو ته هنومان مندر کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. آخري اطلاعن تائين مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي ھئي. اقيلتي معاملن جي وزير گيانچند ايسراڻي واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *