ٽنڊولڪر-وارن نمائشي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز ايندڙ مهيني امريڪا ۾ کيڏي ويندي

نيو يارڪ(اسپورٽس نيوز) ليجنڊ ڪرڪيٽرز سچن ٽنڊولڪر ۽ شين وارن وچ ۾ نمائشي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز ايندڙ مهيني امريڪا ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ آل اسٽارز سيريز 2015ع جي نالي سان کيڏجندڙ سيريز ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن مان وسيم اڪرم ۽ برائن لارا سميت ڪيترائي ريٽائر ڪرڪيٽرزبه ايڪشن ۾ نظر ايندا. سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ٽيم بلاسٽر ۽ شين وارن واريئرز جي قيادت ڪندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ نمائشي ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ 7 نومبر تي نيو يارڪ، ٻئين ميچ 11 نومبر تي هوسٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 14 نومبر تي لاس اينجلس ۾ کيڏي ويندي. سيريز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن ۾ وسيم اڪرم،شعيب اختر، ثقلين مشتاق، معين خان، سنگا ڪارا، مرلي ڌرن، جي ورڌني، لارا، ڪورٽني واش، ڪرٽلي ايمبروز، گريم سوان، مائيڪل وان، ڇيڪ ڪيلس، شان پولاڪ، لارنس ڪلوزنر، جونٽي رهوڊز، ايلن ڊونلڊ، وار، پونٽنگ، ميٿيو هيڊن، ميگراٿ، بريڊ هيڊن، ٽنڊولڪر، گنگولي، لڪشمن ۽ اجيت اگارڪر شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *