ٽرمپ پاران پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف، ڀارت جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ دٻجي ويا: عمران خان .

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف سفارتي ڪاميابي آهي، ڀارت جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ دٻجي ويا.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 11 نڪتن جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي ڪابينا کي بجلي جي قيمتن ۽ احساس پروگرام ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪردار ۽ هنرمند پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پروگرام تحت هڪ لک 70 هزار ٻارن کي هنر فراهم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ بينظير ايئرپورٽ پاران بلند عمارتن جي حد مقرر ڪرڻ، مهر علي شاهه جي بطور ڪمشنر انڊس واٽر مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي قاعدن موجب بزنس ۾ ترميم، صدر عارف علوي، اختر مينگل ۽ سينيٽر جهانزيب جمالديني جي سيڪيورٽي جي علاوا ديامير، ڀاشا ڊيم جي سيڪيورٽي لاءِ 433 منع ٿيل بور وارن هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪابينا صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ جي بل جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت بيان جو به ذڪر ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر ٽرمپ کان پاڪستان مخالف بيان ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. ڪابينا جي ميمبرن کي سفارتي ڪاميابين کي هٿي ڏيارڻ جي هدايت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽرمپ پاران پاڪستاني ڪاوشن جو اعتراف سفارتي ڪاميابي آهي ۽ ان بعد ڀارت جا ناڪاري ارادا به مٽي ۾ دٻجي ويا  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ به هڪ اجلاس ٿيو جتي هڪ بيمار سياسي قيدي جيڪو پاڪستان کان ٻاهر آهي، بار بار رپورٽون گهرڻ باوجود هو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندو رهيو. هن چيو ته نواز شريف کي ميڊيڪل رپورٽ ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽس ۾ فرق سمجهه ۾ ناهي اچي رهيو، اسلام آباد ڪورٽ پنجاب حڪومت کي ريفر ڪيو هو ۽ هدايت ڪئي هئي ته هو هن جي ضمانت ۾ واڌ جي حوالي سان هدايتون ڏي يا آگاهه ڪري ته سندس تازي صورتحال ڪهڙي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب حڪومت ميڊيڪل بورڊ کي نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته خبر پئي ته لڳاتار خط لکڻ باوجود نواز شريف، سندس خاندان ۽ وڪيل کي خط لکڻ باوجود بورڊ جي آڏو ڪنهن قسم جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته ان سان اها حقيقت سامهون اچي چڪي آهي ته هو پرڏيهه ۾ علاج لاءِ ويو پر رپورٽون ڪنهن اسپتال مان ٺهرائڻ تي ناڪام رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سرٽيفڪيٽ پرائيويٽ طور تي ڪنهن ڊاڪٽر کان موڪل جي شڪل ۾ ته اچي ويندو آهي پر ڪنهن ليبارٽري جي مڪمل بيماري جي علامت ۽ ان بيماري سان لاڳاپيل علاج جي ڪا ميڊيڪل رپورٽ بورڊ کي موصول ناهي ٿي جنهن جي بنياد تي پنجاب حڪومت ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي تجويز تي سندس ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي خاص صلاحڪار چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص ميڊيڪل جي بنياد تي ضمانت وٺندو آهي ته پوءِ هو ميڊيڪل رپورٽ ڏيڻ کان قاصر آهي ته اهو ئي بورڊ هن جي رپورٽن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندو آهي ته ان جو مطلب آهي ته نواز شريف صاحب اڄ پاڪستان جي قانون تحت مفرور قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي حوالي سان فردوس اعواڻ چيو ته راڻا ثناء الله چئي رهيو هو ته هن جي سرجري آهي، پليٽليس جي گهٽ وڌ بريڪنگ نيوز ۾ لڳاتار هلندي هئي، اها اهڙي ڪهڙي پراسرار سرجري آهي جو ان اسپتال جي به ڪنهن کي خبر ناهي. هن چيو ته ليگي ترجمانن جون زبانون پليٽليس جي انگ کي ڳڻائيندي ڳڻائيندي خشڪ ٿي وينديون هيون، هاڻي هنن جي زبان تي ڪهڙي تالابندي آهي جو هو اسپتال جو نالو به ناهن ٻڌائي رهيا، ڪهڙي سرجري آهي اهو به ناهن ٻڌائي رهيا. قومي اسمبلي جي قائد حزب اختلاف شهباز سان مخاطب ٿيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهباز شريف صاحب، اوهان بيان ڏنو هو ته حڪومت جي هڏ حرامي آهي، انتقامي ڪارروائي آهي ته اوهان جي اعليٰ ظرفي آهي، ان تحت قوم اها اميد ڪري رهي هئي ته هن حڪومت اعليٰ ظرفي ڏيکاري ۽ اوهان کي علاج جي سهولت ڏني جنهن جي پاڪستان جي قانون ۽ آئين ۾ گنجائش نه هئي. هن چيو ته ميڊيا کي ضرور ٻڌايو ته اها سرجري ڪٿي ٿي رهي آهي ۽ مشهور سرجن ڊاڪٽر عدنان سميت ٻيو ڪير آهي. ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي خاص صلاحڪار چيو ته وفاقي حڪومت جي اجلاس ۾ 14 نڪتن جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. فردوس اعواڻ اجلاس جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي ميڊيا ۾ قانون واري وزير جي حوالي سان بحث هلي رهي هئي، وزيراعظم قانون واري وزير کي ڀرپور طريقي سان پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. هن چيو ته وزيراعظم قانون واري وزير فروغ نسيم کي ۽ سندس ٽيم کي آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيندي يقين ڏياريو آهي ته آئيني ۽ قانوني طريقي سان کنيل قدمن تي حڪومت هن سان گڏ آهي ۽ پر اميد آهيون ته پاڪستان جي اندر ادارا مضبوط ٿيندا ۽ عدالتون خودمختار ڪردار ادا ڪنديون جنهن سان عوام کي فائدو پهچندو. ڪورونا وائرس تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم وائرس بابت حڪومتي ترجيحن بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڪو مريض ناهي ۽ بچاءَ لا هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. خاص صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ جڏهن مودي ۽ ٽرمپ ڀاڪر پائي ملي رهيا هئا اهڙي ماحول ۾ اتي ڀارتي نظرئي کي شڪست ملڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اجلاس جي ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي توانائي تي ڳالهه ڪئي وئي، عالمي معاهدن جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿيو پر توانائي واري وزارت بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ منصوبو ڪابينا کي پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم موثر منصوبا بندي ۽ عوام تي دٻاءُ نه وجهڻ، گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ متوازن رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته احساس پروگرام تي ڊاڪٽر ثانيا نشتر ڪفالت، آمدن، وياج بنا قرضن جي فراهمي، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالر شپ پروگرام ۽ لنگر خاني جي منصوبي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٽي پروگرام تحفط، واڌ ويجهه ۽ احساس ڊيجيٽل جي شروعات ٿيڻ واري آهي. فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ڊاڪٽر طارق حسن ۽ جهان آرا سجاد جون استعيفائون منظور ڪري انهن جي جاءِ تي عبدالرحمان قريشي، راحت ڪونين کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ايجنڊا ۾ ايگزم بينڪ جي بورڊ ميمبرن جي منظور پڻ ڏني وئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو واعدو هو ته تعليمي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا ويندا ۽ ٻه نه پر هڪ پاڪستان تحت هڪ جهڙائي کي يقيني بڻائينداسين ، هڪ پاليسي تحت پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر موجود 2 ڪروڙ 20 لک ٻارن، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ ٻارڙيون به آهن، انهن کي واپس اسڪول ۾ آندو ويندو. هن چيو ته تعليم واري وزير پاڪستان نيشنل ايجوڪيشن پلان 2020ع ڪابينا ۾ پيش ڪيو جنهن تي بحث بعد منظوري ڏني وئي. تعليم جي حوالي سان خاص صلاحڪار چيو ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گريڊ هڪ کان 5 تائين جي نصاب کي نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل کي منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي، ڇهين کان اٺين جماعت جي نصاب 2020 تائين تيار ڪيو ويو آهي ۽ نيشنل ڪانفرنس مارچ ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ان نصاب جي باضابطه منطوري ورتي ويندي. هن چيو ته بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي چوڌاري بلند عمارتن جي اوچائي جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي ۽ منظوري ڏني وئي ته اڏاوتي شعبي ۾ بهتري آئي ۽ دستياب موقعن کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته سيد محمد علي شاهه بطور پاڪستان ڪمشنر انڊس واٽر جي ٽن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ گڏ ئي لاڳاپيل ڪميٽي کي هدايت ڏني آهي ته متوازي قاعدا ٺاهيو ته جيئن جڏهن به اشتهار ڏنو وڃي ته ڪو به اهل شخصيت ان لاءِ درخواست نٿي ڏئي سگهي ته ان لاءِ قاعدن ۾ ترميم ڪري ان کي وڌايو وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهو به اهل بڻجي سگهن. فردوس چيو ته ڪابينا ديامر ڀاشا ڊيم جي حفاظت ۾ واپڊا سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن کي منع ڪيل هٿيارن جي لائسنسن جي منظوري ڏني وئي جنهن سان گڏ ئي سردار اختر مينگل ۽ ڊاڪٽر جهان زيب جمال ديني کي به منع ڪيل هٿيارن جي لائسنس جي منظوري ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته اسڪندر خان جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسپيشل ڪورٽ اسلام آباد مقرري ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 19 فيبروري واري فيصلن جي منظوري ڏني. هن چيو ته ايجنڊا نمبر 13 ۾ صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ جي بل جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ تحفظ ۽ سلامتي ۽ دهشتگردي ۽ لائف انشورنس تي ڳڻتي هئي، ان حوالي سان هڪ ئي بل هو جنهن تي انساني حقن ۽ سڌ سما واري وزارت ٻئي ڪم ڪري رهيا هئا، ان کي گڏائي اصولي منظوري ڏني وئي. صحافين جي حوالي سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قانون واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان قانون جو ڊرافٽ تيار ڪري ته جيئن ان کي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي موڪلي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *