ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر ڪنٽرول ناهي ٿي رهيو: مراد علي شاهه

ڪراچي (23 جنوري 2019ع) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه هفتيوار امن امان جو جائزو وٺندي فيصلو ڪيو ته سنڌ-بلوچستان سرحد تي چيڪنگ کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي. هن انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي آءِ جيز سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ عمومي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ امن امان جي وسيع تر فائدي ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائي سگهجي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير، ڪمشنر ڪراچي افتخار شهلواڻي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) ڊاڪٽر ولي الله دل، ڊي آءِ جيز ڪراچي ۽ ٻين ضلعن حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد جا جي ڊي آءِ جيز وڊيو ڪانفرنس ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس جي شروع ۾ وڏي وزير ٻن واقعن پي اِي سي ايڇ ايس ۾ ڪي ڊي اي ملازم جو قتل ۽ پوليس جي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوڙو مڙس ۽ زال سان ڪورنگي واري علائقي ۾ زخمي ٿيا انهن جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي واقعا نه ٿيڻ گهرجن ها، ڪهڙي ريت پوليس اهلڪارن مارڪيٽ واري علائقي ۾ فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اهي ماڻهو زخمي ٿيا. ان تي آءِ جي پوليس ڪليم امام چيو ته هُو ان فائرنگ واري واقعي جي ذاتي طور تي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سروس ۾ تربيت وٺندڙ يا اهي جيڪي شهري علائقن ۾ پوليس آپريشن، اسنيپ چيڪنگ جي طريقيڪار، مارڪيٽ ۽ رهائشي علائقن ۾ ڏوهارين جي ڳولها جي حوالي سان گائيڊ لائين ڏني ويند. گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير واضح ڪيو ته ڪجهه پوليس اسٽيشن غيرقانوني عمارتن يا هنڌن تي قائم آهن، ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي گڏجي ويهي اتان کان پوليس اسٽيشنن جي مناسب هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وڃي. اهڙي ريت شهيد بينظير آباد مان به شڪايتون موصول ٿيون آهن، جتي وومين هاسٽل پوليس ورتو آهي. هن چيو ته ان کي روڪڻ گهرجي ۽ پوليس کي گهرجي ته اهي پنهنجو سيٽ اپ قانوني هنڌن تي قائم ڪيو وڃي. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي دوران سڄي صوبي ۾ 1700 چيڪنگ رائونڊ ڪيا آهن، چيڪنگ دوران ٽن هزارن کان وڌيڪ گاڏيون ضبط ڪيون ويون، ان ۾ 2200 گاڏيون جعلي نمبر پليٽس جڏهن ته 1500 گاڏيون بغير نمبر پليٽس ۽ 1700 گاڏيون ٽرانسفر ليٽر تي هلي رهيون هيون. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ تجويز ڏني ته نمبر پليٽس خلاف هڪ مهم شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڏوهاري ان جو استعمال نه ڪري سگهن. وڏي وزير واضح ڪيو ته صوبائي وزير ايڪسائيز سندس رپورٽ پيش ڪئي آهي ته وڌيڪ رجسٽريشن نمبر پليٽس تيار آهن پر مالڪ نه پيا وٺن، انڪري هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته فينسي نمبر پليٽس، جعلي سرڪاري پليٽس ۽ اوپن ليٽر تي هلندڙ گاڏين خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي. اهو آپريشن سڄي صوبي ۾ شروع ڪيو ويندو. ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي شرجيل کرل وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس اسٽريٽ واچ فورس قائم ڪئي آهي ۽ اها تازيون ڀرتي ۽ فريش سکيا ورتل اهلڪارن کي ان فورس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي موٽرسائيڪل ۽ موبائل گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهين جن تي اهي پيٽرولنگ ڪندا آهن انهن جي چيڪنگ ڪري ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي شرح گهٽ ٿي آهي. وڏي وزير واضح ڪيو ته روڊ جي وچ تي پوليس چڪاس ڪندي آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ان سان غلط تاثر به پيدا ٿيندو آهي. هن پوليس کي چيو ته اهي پنهنجي چيڪنگ وارو عمل جاري رکن پر گهٽ ۾ گهٽ صبح آفيس ۽ اسڪول واري وقت دوران گريز ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي ويسٽ امين يوسف زئي اجلاس کي ٻڌايو ته سندس 22000 ليٽر ايراني پيٽرول پڪڙيو آهي جيڪو ڊمپر ۾ شهر اندر آندو پيو وڃي ۽ هن 84 ڪلوگرام چرس به ضبط ڪئي آهي. هن چيو ته سندس زون ۾ سخت اسنيپ چيڪنگ شروع ڪئي آهي ۽ چيو ته 31 جنوريءَ کان منگهوپير ۾ هڪ تبليغي اجتماع به منعقد ٿيندو. وڏي وزير ڊي آءِ جي ويسٽ کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهتر ۽ فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اي سي بس، ٽرڪ، ڊمپر، ليبنڊ ڪروز خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ انهن جي اضافي ٽينڪ هٽايا وڃن ۽ انهن تي جرمانو لاڳو ڪيو وڃي. ۽ نان ڪسٽم گاڏين بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انهن ڪيترائي ڀيرا گاڏيون ضبط ڪيون آهن ۽ ڪسٽم اٿارٽيز حوالي ڪيو آهي پر ان باوجود اهي روڊن تي اچي وينديون آهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي چيو ته هُو ان حوالي سان ڪسٽم اٿارٽيز سان ڳالهائي ۽ هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايراني پيٽرول جي اسمنگلنگ خلاف مهم شروع ڪئي وڃي. ڊي آءِ جي شرقي چيو ته سخت چيڪنگ، پيٽرولنگ ۽ سول سوسائٽي جي سهڪار ڪري سندس زون ۾ ڏوهن واري شرح گهٽ ٿي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گذريل سال جي انگن اکرن هن سال کي ڀيٽيو وڃي ته موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ڦرڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ هن زون ۾ مختلف ڇاپن دوران 246 هٿيار ضبط ڪيا آهن. گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس پرائيوٽ تعليمي ادارن جي انتظاميا سان گڏ اجلاس منعقد ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن ادارن ۾ منشيات کي ڪنٽرول ڪرڻ جهڙن حساس مسئلن کان آگاهه ڪري سگهجي. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جي ڊي آءِ جيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سندس ڊويزن ۾ امن امان واري صورتحال قدر بهتر آهي. هن چيو ته سندس ڊرگ مافيا خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته هتي ڪجهه ٽريفڪ جا مسئلا آهن، ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي حيدرآباد شهر ۾ ٽريفڪ سگنل واري نظام کي بهتر ڪيو وڃي، پوليس حيدرآباد ۾ اڳئي ايس پي ٽريفڪ ۽ ايس پي سي ٽي سي ٽي مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي سکر اقبال ڊارا اجلاس کي ٻڌايو ته ٽي ماڻهو اغوا ٿيا هئا، انهن مان ٽي بازياب ڪيا ويا آهن ۽ باقي رميش کي بازياب ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، جنهن تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو گذريل ڏيڍ مهيني کان ٻڌي رهيو آهيان رميش کي بازياب ڪرائي مون کي رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪي پوليس اهلڪار سٺو ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي همت افرائي ڪئي وڃي ۽ ميڊيا کي پڻ ان بابت ٻڌايو وڃي. وڏي وزير ڊي آءِ جي سکر کي هدايت ڪئي ته ڀنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کي ختم ڪرايو وڃي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي اجلاس کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مجموعي طور تي امن امان واري صورتحال بهتر آهي. هن ٻڌايو ته ڪچي وارن علائقن ۾ ننڍا ننڍا آپريشن هلندڙ آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي چيو ته قبائلي تڪرارن ڪري ڪڏهن ڪڏهن مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن، جن تي ضابطو آڻي رهيا آهيون. وڏي وزير پوليس عوام سان گڏيل عمل وڌائن جي هدايت ڪئي. سنڌ-بلوچستان سرحد پر 30 کان وڌيڪ چيڪ پوسٽون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سرحد تي چيڪنگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ٻين ايجنسين سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير هر مهيني ٽن سرحدن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي حوالي سان آٰءِ جي ليول تي اجلاس گهرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز اجلاس کي ٻڌايو ته سندس ڊويزن ۾ امن امان واري صورتحال اطمينان بخش آهي، هتي 10 ريلوي اسٽيشن، آئل فيلڊز، اهم تعليمي ادارا، ريلوي ٽريڪ آهن. هتي ڪرائم گهٽ آهي. سيڪيورٽي معامل تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. هن وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته سندس ضلعي ۾ سي ٽي ڊي يونٽ قائم ڪيو وڃي، ان تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو هر هڪ ضلعي جي هيڊڪوارٽر ۾ سي ٽي ٽي يونٽ کي قائم ۽ جي ايس ايم لوڪيٽرس لڳائڻ ۽ اهڙيون ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان منصوبو جوڙيو وڃي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص عابد بلوچ ڊويزن کان ٻاهر هو انڪري ايس ايس پي ميرپورخاص وڏي وزير کي ڊويزن ۾ امن امان واري صورتحال بابت ٻڌايو ته علائقي ۾ موٽرسائيڪل چور/ ڦر، گٽڪي جي اسمگلنگ جهڙا وڏا ڏوهه آهن. اسان بائيڪ، گٽڪي ۽ ڪچڇي شراب خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، 5 بائيڪ اسنيچنگ برسٽ ڪيا آھن. آپگهات جا ڪيس ميرپورخاص ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيا آهن، ان تي وڏي وزير چيو ته سندس حال ئي ۾ هڪ ٽيم سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي (ايس ايم ايڇ اي) جنهن جي اڳواڻي سندس چيئرمين ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڪري رهيو هو ٿر ۾ ڪئي هئي. هن ناليوار نفسيات ماهرن سان گڏ مٺي ۾ هڪ سيمينار به منعقد ڪيو هو. هن چيو ته اسان جي ٽيم هڪ پيپر تيار ڪري رهي آهي جيڪا پنهنجن سفارشن سان پيش ڪندي. هن ايس ايس پي تي به زور ڀريو ته هُو سول سوسائٽي جي مقامي ماڻهن ۽ ڊاڪٽرن کي به شامل ڪيو وڃي ۽ هڪ ابتدائي پيپر پنهنجن سفارشن سان تيار ڪري کين موڪليو وڃي ته جيئن علائقي جي ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ ضروري انتظام ۽ اپاءَ ڪيا وڃن. وڏي وزير اجلاس جي آخر ۾ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هوُ شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ مئنيجمنٽ لاءِ بهترين سکيا ورتل، بهترين ڊريس ۽ الرٽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *