ٽائيگر شروف ۽ ڊيشا پٽاني هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور جوڙي ٽائيگر شروف ۽ ڊيشا پٽاني هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. ٽائيگر ۽ ڊيشا وچ ۾ گذريل 3 سالن کان قربتون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون، اڪثر ٻئي اداڪار هر هنڌ هڪٻئي سان گڏ نظر ايندا هئا پر هنن ٻنهي ڪڏهن به کلي هڪٻئي لاءِ ڪڏهن به تعلق جو اعتراف نه ڪيو ۽ نه ئي اهڙيون خبرون رد ڪيون. ٻنهي ادڪارن وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪرار پيدا ٿيو، شروعات ۾ هريٿڪ روشن کي به ان تڪرار جو سبب قرار ڏنو ويو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جوڙي سمورا اختلاف وساري هڪ ٿي ويندي هئي هاڻ ٻنهي اداڪارن جي مداحن لاءِ خراب خبر اها آهي ته ٽائيگر ۽ ديشا هڪٻئي کان رستا ڌار /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 16

ڪري ورتا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ٽائيگر ۽ ڊيشا جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي ته ٻنهي اداڪار گڏيل رضامندي سان هڪٻئي کان ڌار ٿيا آهن. ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي اداڪارن وچ ۾ تڪرار هو پر هو ان کي ميديا تي نه پيا آڻڻ چاهن، ڇاڪاڻ ته هو هڪٻئي سان گڏ رهڻ به چاهن پيا، جنهن کانپوءِ هنن ٻنهي هاڻ فيصلو ڪيو آهي ته محبت جي رشتي بدران سندن وچ ۾ دوستي جو رشتو قائم رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *