ٽئين ون ڊي ۾ مات کانپوءِ به ٽيم جا حوصلا ناهن گهٽيا: اظهر علي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ون ڊِ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ آل رائونڊر اظهر علي چيو آهي ته انگلينڊ هٿان چئن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئي ۽ ٽئين ميچ ۾ مات کانپوءِ به  ٽيم جا حوصلا نه گهٽيا آهن، دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انگلينڊ جي ٽيم کي چوٿين ۽ آخري ون ڊِ ۾ مات ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪنداسين، اظهر علي چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، انگلينڊ هٿان ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ لڳاتار ٻن ميچن ۾ مات کانپوءِ به ٽيم جا حوصلا نه گهٽيا آهن، هن چيو ته سمورا رانديگر مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهن، واضح هجي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ون ڊي ميچ جمعي تي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *