ٻي ٽيسٽ ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي 340 رنسن کان شڪست ڏئي ڇڏي

ٽرينٽ برج (اين اين آءِ) ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي 340 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 473 رنسن جي پويان انگلينڊ ٽيم ٻي اننگ ۾ صرف 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي، تفصيل موجب ٽرينٽ برج ٽيسٽ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي جيڪو صحيح ثآبت ٿيو، پهرين اننگ ۾ ڏکڻ آفريڪا 335 رنسون ٺآهيون جنهن جي جواب انگلينڊ جي ٽيم 205 رنسون ٺاهي ڇڏيون ٻي اننگ ۾ ڏکڻ آفريڪا 130 رنسن جي اننگ وٺي343 اسڪور ڪيو ۽ انگلينڊ 443 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو، جيڪو انگلينڊ جي ٽيم لاءِ وڏو حدف ثابت ٿيو. انگلينڊ جا رانديگر هڪ هڪ ڪري پويلين موٽندا رهيا صرف ايليسٽر ڪڪ ئي 42 رنسن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سموري ٽيم 44.2 اوور ۾ صرف 133 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ چار ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ٿي و.ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *