ٻيهر سنڌ ۾ ڊاڪو راج جي ايمرجنسي برداشت نه ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جتي ڀنگ عيوض اغوا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اماڻيل پوليس رپورٽن جي روشني ۾ ڪيو. هن چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ۽ سيڪريٽري گهرو قاضي ڪبير کي ڄاڻايل آپريشن بابت پڇا ڪئي ۽ کين هدايت ڪئي ته امن ۽ امان جي بابت اجلاس سڏرائي ته جيئن آپريشن بابت رٿابندي ۽ حڪمت عملي کي آخري شڪل ڏئي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڀنگ عيوض کنڀڻ هڪ سنگين ڏوهه آهي ۽ ان کي برداشت نه ڪيو ويندو. لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور کان نواب شاهه جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڪجهه ڌاڙيل پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا آهن ۽ اهي شهرن مان معصوم ماڻهن کي کنڀي رهيا آهن.  هن چيو ته اهو آپريشن شهيد بينظيرآباد کان ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن تائين محدود نه رهندو پر ان کي ڌاڙيلن جي سهولتڪارن يا پٿاريدارن جي دائري تائين وسيع ڪيو ويندو. آپريشن ذريعي سڀني هسٽري شيٽرز، جنهن جي مٿان انعام رکيل آهن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث فردن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وڏي وزير چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر آئي جي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي صلاح مشوري سان ڄاڻايل آپريشن لاءِ حڪمت عملي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ امن ۽ امان بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائي رهيو آهيان. وڏي وزير چيو ته هو آئي جي پوليس کي ڌاڙيلن جي مُٺ مان مغوي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پهرين ئي هدايت ڏئي چڪو آهيان. هن چيو ته آئون ٻيهر صوبي ۾ ڊاڪو راج جي ايمرجنسي برداشت نه ڪندس. مراد علي شاهه چيو ته سڄي صوبي اندر امن ۽ امان جي مجموعي صورتحال اطمينان بخش آهي پر ڀنگ عيوض اغوا ۽ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جهڙا نوان چيلنج آڏو آيا آهن. ايڊيشنل آئي جي ڪراچي اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته صوبي جي اتر ۽ وسطي حصن مان ڌاڙيلن خلاف آپريشن وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊرگ مافيا، دهشتگردن ۽ ٻين قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪاميابي سان هلي رهيو آهي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون سخت محنت سان ڪم ڪري رهيون آهن. وڏي وزير چيو ته اهڙي طرح جا آپريشن ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف شروع ڪرڻ وڃون پيا.وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو هيٺائين علائقن جتي برسات جو پاڻي بيٺل آهي ان تي نظر رکي وڃي ۽ جلد کان جلد اتان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن ڪمشنر ڪراچي کي شهر ۾ فيوميگيشن شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته نالن جي صفائي ۽ کيس ڪچرو روڊن تي رکڻ سان شهر ۾ مکيون ۽ مڇر پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ان بيماريون پکڙجن ٿيون ان ڪري اتي فيوميگيشن مهم ذريعي ضابطو آندو وڃي. ايم ڊي واٽر بورڊ پنهنجي هڪ رپورٽ ذريعي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٽرڪ تي پيل سڪشن مشين گور قبرستان شاهراه فيصل تي لڳل آهي جيڪا اتي گڏ ٿيل پاڻي کي ڪڍي رهي آهي اهڙي ريت ٻيون گاڏيون جي پي ايم سي جهڙن اهم رستن تان پاڻي ڪڍي رهيون آهن. ريهيبليٽيشن کاتي اڄ موسم بابت هڪ وارننگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ علائقائي موسميات مرڪز ڪراچي موسم بابت وارننگ جاري ڪئي آهي ۽ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ برساتن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ خاص طور ڪراچي، ڄامشورو، دادو، قمبر-شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، بدين، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ جمعرات جي شام کان جمعي جي شام تائين تيز برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪراچي: موسم بابت وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 50 کان 70 ايم ايم (چار وڳي جمعرات/ ٻه پهر 12 وڳي جمعي) تائين تيز برساتون ٿينديون ۽ جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ واري صورتحال ۾ واڌ ٿيڻ جو کٽڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *