ٻين ملڪن جي آئين نه پر پنهنجي آئين کي ڏسڻو آهي: جسٽس جواد ايس خواجه

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ 18 هين ۽ 21 هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، وفاق جو وڪيل خالد انور اڄ به دليل جاري رکندو، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته کين ٻين ملڪن نه پر پنهنجي آئين تي هلڻو آهي، سٺو يا خراب پر ججز هن آئين تحت ئي حلف کنيو آهي.چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين ۽ 21 هين ترميم خلاف گڏيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران دليل ڏيندي وفاقي حڪومت جي وڪيل خالد انور چيو ته هو رڳو 18 هين ۽ 21 هين ترميم جي حق ۾ دليل ڏيندو. خالد انور چيو ته ملڪ جو موجوده آئين 1973 جي آئين کان بهتر آهي، آئين سڀني لاءِ ٺهندو آهي، ان کي هڪ نسل تائين محدود نٿو ڪري سگهي. حڪومتي وڪيل خالد انور چيو ته آئين جون ڪيتريون ئي شقون آهن، جيڪي ترميم کانپوءِ بهتر ٿيون آهن، عدليه جي آزادي مان مراد انتظامي آزادي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا پچاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 17 آهي، ڇا صدر اهو انگ گهٽائي 15 ڪري سگهي ٿو.؟ جسٽس ثاقب نثا ريمارڪس ڏنا ته ججز جي مقرري جو انگ پارليامينٽ مان قانونسازي جي تحت طئي ٿيو ۽ ججز کي هٽائڻ جو طريقيڪار به واضح آهي. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته کين ٻين ملڪن جي آئين نه پر پنهنجي آئين کي ڏسڻو آهي، ٻين ملڪن جا پنهنجا حدف هوندا پر پاڪستان جا پنهنجا حدف آهن. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته سٺو يا خراب پر هن آئين تحت حلف کنيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇا آئين جو بنيادي ڍانچو آهي، جنهن تي حڪومتي وڪيل خالد انور چيو ته بنيادي ڍانچو آهي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *