ٻين جي ٽن نسلن جي حساب جو مطالبو ڪندڙ پنهنجي ڌاڙي جي 8 واليمز جا تفصيل لڪائڻ چاهين ٿا: شھباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ٻين جي ٽن نسلن جي حساب جو مطالبو ڪندڙ پنهنجي ڌاڙي جا تفصيل لڪائڻ چاهين ٿا. جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ٻين جي ٽن نسلن جي حساب جو مطالبو ڪندڙ  پنهنجي ڌاڙي جي 8 واليمز جا تفصيل لڪائڻ چاهين ٿا، عمران خان 7 سالن تائين قوم ۽ اليڪشن ڪميشن کان حقيقتون لڪايون  پر هاڻي سچ لڪي نٿو سگهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ جا سمورا تفصيل عوام کي ٻڌائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي، فارن فنڊنگ جا تفصيل لڪائڻ عمران جي ڏوهه جو واضح ثبوت آهي، فارن فنڊنگ جي جاچ جو مطلب رڪارڊ سامهون آڻڻ هو، ان کي لڪائڻ نه هو. مخالف ڌر اڳواڻ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پڪڙيل 8 واليمز  کي سامهون آندو وڃي، انهن واليمز ۾ تحريڪ انصاف جا سمورا ڳجها بينڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهي فنڊنگ جا تفصيل موجود آهن، واليمز کي ڳجهو رکڻ قانون موجب ڏوهه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *