ٻين اداڪارن جيان موڪلن تي وڃڻ سٺو ناهي لڳندو، مصروف رهڻ سٺو لڳي ٿو: جان ابراهم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم جو چوڻ آهي ته کيس مصروف رهڻ سٺو لڳندو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب جان ابراهيم پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته کيس ٻين اداڪارن جيان موڪلن تي وڃڻ سٺو ناهي لڳندو، کيس مصروف رهڻ سٺو لڳندو آهي، هو جيستائين فلمي سرگرمين ۾ مصروف رهندو آهي تيستائين هو خوش ۽ تازو توانو رهندو آه،ي پر جڏهن کيس وٽ ڪم ناهي هوندو ته هو بور ٿي پوندو آهي. هن چيو ته مون ۾ اها عادت پنهنجي ڀيڻ مان منتقل ٿي آهي، هوءَ به واندي وقت کي پسند ناهي ڪندي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف رهندي آهي. اداڪار جي نئين فلم ”ويلڪم بيڪ“ آهي، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ نصير الدين شاهه انيل ڪپور، شروتي هاسن، نانا پاٽيڪر، پاريش راول، ساڪشي مگو، ساره لورين، شيني آيوجا شامل آهن، فلم جون هدايتون ۽ پروڊڪشن انيس بزميءَ ڏنيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *