ٻوڏ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پنهنجيون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ آبپاشي نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد فريز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر هاڻي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ هو پاڻ گهر ۾ فريز ٿي ويو آهي، پرويز مشرف به ڪالاباغ ڊيم جون ڳالهيون ڪندو هو پر ملڪ جي ماڻهن ان کي ڊيم نه ٺاهڻ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ عاقل آگاڻي بند جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پنهنجيون تياريون مڪمل ڪريڇڏيون آهن اسان ڪا به ڳالهه وڌائي پيش نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻوڏ جي وارننگ ٿا ڏيون ته ان تي به اعتراض ڪيا وڃن ٿا پاڻي نه اچڻ جي ڳالهه تي به اعتراض ڪيا وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جبل ڪٽي چين سان اقتصادي راهداري منصوبو ٺاهي سگهجي ٿو ته ڀاشا ڊيم به ٺاهي سگهجي ٿو ان تي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڻي جا اهڙا منصوبا ٿيڻ گهرجن جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجي. ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ وارن جدوجهد ڪئي ۽ عالمي قانون موجب به پاڻي تي پهريون حق پڇڙيءَ وارن جو هوندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 100 ننڍا ڊيم ٺهي رهيا آهن جن مان9-8 مڪمل ٿي ويا آهن ٻين تي ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي ڪمانڊ ايريا وارو ڪو به ڳوٺ نه ٻڏو آهي باقي ڪچي ۾ هيٺائين وارا ڳوٺ پاڻي هيٺ آيا آهن اتي رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سمورن ادارن پنهنجو ڪيمپيون قائم ڪيون آهن جن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سموريون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته سکر مان 2010 ۾ 13 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذري ويو هو هاڻي 6 کان ساڍا 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي اميد آهي. هن چيو ته حساس هنڌن جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي بندن تي عملو، مشينري ۽ پٿر وڏي پيماني تي موجود آهن، ميڊيڪل ڪيمپيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته روينيو ۽ ايريگيشن کاتي وارا سروي ڪري ٻڌائين ته ڪچي جا ڪيترا ڳوٺ ٻڏا آهن پر پڪي وارو ڪو به ڳوٺ پاڻي هيٺ نه آيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 2010 ۾ آيل ٻوڏ دوران هندستان پاڻي اچڻ بابت اڳواٽ اطلاع نه ڏنوهو هاڻي به اهڙو ڪو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايريگيشن کاتي پاران ڪئنالن، شاخن ۽ واهن جي لائيننگ جو ڪم جاري آهي وارا بندي دوران ڪئنالن جي مرمت ڪئي ويندي آهي ۽ ننڍن ڊيمن ۾ برسات جو پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته عاقل آگاڻي بند تي ڪو به خطرو نه آهي هتي 2010 کان وٺي بند جي مضبوطي جو ڪم هلي رهيو آهي ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ 12لک ڪيوسڪ فوٽ پٿر ذخيرو ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته ملڪ کان ٻاهر جيڪو به ماڻهو وڃي ٿو ان کي ويزا ۽ پاسپورٽ هوندو آهي جيڪا جاري ڪرڻ جي ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي. هن چيو ته پرڏيهه ويل ڪامورن تي ڪرپشن جا الزام آهن پر اهي اڃا ثابت ناهن ٿي سگهيا، الزامن ثابت ٿيڻ تائين هو معصوم آهن جاچ ڪندڙ ادارا الزام ثابت ڪري کين سزا ڏيارين ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو. ان کان اڳ صوبائي وزير کي آبپاشي کاتي جي عملدارن عاقل آگاڻي بند جي صورتحال ۽ پاڻي ۾ چاڙهه بابت بريفنگ ڏني ۽ چارٽن جي مدد سان کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزير بندن تي قائم ڪيل ڪيمپن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ عملدارن کي ڪيمپن ۾ سهولتون بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد صوبائي وزير موريا بچاءَ بند جو پڻ دورو ڪيو، جتي کيس بچاءَ بند جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي. دوري دوران ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، سليم سومرو، سڪينه گاد، امير بخش گاد پ پ پ اڳواڻ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي ۽ آبپاشي عملدارموجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *