ٻن کان ٽن مهينن ۾ 2019ع جي اپيلن جي ٻڌڻي شروع ڪندس، رولڙي جو شڪار ڪيسن جي شرح جلد زيرو ٿي ويندي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس  آصف سعيد کوسا چيو آهي ته مان هن وقت اپريل 2018ع جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهيان، ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ 2019ع جي اپيلن جي ٻڌڻي شروع ڪندس، جلد رولڙي جو شڪار ڪيسن جو انگ ٻڙي ٿي ويندو.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ فوجداري ڪيسن بابت اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. پهريون فوجداري ڪيس گجرات جي رهواسي ڊاڪٽر شمس الرحمان تي 2010ع ۾ گهر واري کي قتل ڪرڻ جي الزام بابت هو جڏهن ته ٻيو فوجداري ڪيس مڙس طرفان گهر واري جي اعتراض جوڳي تصوير شير ڪرڻ بابت هو.  بئنچ شمس الرحمان جي آزادي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي سندس آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته فريادي ڌر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به دير ڪئي وئي ۽ تنهن ڪري شڪ جو فائدو ڏيندي جوابدار کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي گهر واري طرفان مڙس جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ داخل درخواست به رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته تصوير ۾ جوابدار پاڻ به موجود آهي پنهنجي فحش تصوير ڪو پاڻ شيئر نه ڪندو آهي، درخواستگذار ۽ جوابدار وچ ۾ ڪاروباري تڪرار هلي رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *